ڇتارا 1

ڇتارا 1: سنڌي شاعريءَ ۾ ’ڇتارا‘ ڇهن سٽن جي هڪ صنف آهي، جنهن جون ٻه ٻه سٽون هم قافيا ٿينديون آهن. پهرئين ’ٻه سٽي‘ هم قافيا بند جو آخري لفظ، ٽينءَ سٽ/ ٻئي بند جو پهريون حصو ٿي ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ ريت ٻيون ٻه سٽون/ بند پاڻ ۾ هم قافيا هوندو آهي ۽ ٽيون حصو/ ٻه سٽون، بند/ آخري بند، پاڻ ۾ هم قافيا هوندو آهي، ان بند جو آخري لفظ قافيو ۽ هن سڄي ’ڇتاري‘ جو پهريون لفظ ۽ آخري لفظ ساڳيو هوندو آهي. ’ڇتارو‘ اصل ۾ هندي شعري صنف ’ڪنڍليءَ‘ جو جديد سڌريل روپ آهي. سنڌيءَ ۾ ’ڇتارا‘ مير محمد پيرزادي، تاج جويي، ج. ع. منگهاڻي ۽ ٻين شاعرن لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو